سنڌ ميوزيم

سنڌ ميوزيم

سنڌ ميوزيم

سنڌ ميوزيم (Sindh Museum): سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۾ قاسم آباد ڀرسان نيشنل هاءِ وي تي واقع آهي. هي عجائب گهر 70 واري ڏهاڪي ۾ قائم ٿيو، جنهن جو باني ڊائريڪٽر، چترڪار، مجسمه ساز ظفر ڪاظمي هو. هن حيدرآباد کان سواءِ سيوهڻ عجائب گهر، ڀٽ شاهه عجائب گهر جوڙڻ ۾ پڻ محنت ڪئي. ظفر ڪاظميءَ پنهنجي تخليقي پورهئي جي ذريعي سنڌ جي ثقافت، سنڌ جي اصلوڪن ماڻهن جهڙوڪ: ريٻاري، ڀيل، ڪولهي، لوهار، سماٽ، بلوچ، راجپوت، لوهاڻا ذات وارن ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ ڪرت کي انٿراپالاجيءَ جي سمورن مقرر معيارن موجب پيش ڪيو. هو 1979ع ۾ ميوزيم اسٽڊيز لاءِ انگلنڊ پڻ ويو. سندس وفات بعد تدفين به سنڌ ميوزيم جي اڱڻ ۾ ڪئي وئي. پاڪستان حڪومت سندس وفات کان پوءِ کيس مڃتا طور صدارتي اوارڊ ڏنو.
سنڌ ميوزيم ۾ چار گيلريون ٺاهيل آهن: (1) ارتقا واري دؤر جي گيلري، (2) تاريخي ماڳن واري گيلري، (3) هنرمندن جي عڪاسي ڪندڙ گيلري، (4) ڪارنر گيلري شامل آهن. سنڌ ميوزيم ڪامپليڪس ۾ اوپن ايئر ميوزيم به جوڙيل آهي، جتي سنڌ جي ڳوٺن جي هوبهو صورت ۾ ڏيکاريل آهن. ان کان سواءِ ڪامپليڪس ۾ ممتاز مرزا جي نالي سان منسوب آڊيٽوريم، ريفرنس لائبرريءَ کان سواءِ نئون شهيد بينظير ڀٽو چلڊرين پارڪ به قائم آهي.
(1) ارتقا واري گيلري: هن گئلريءَ ۾ پٿر جي دؤر واري سنڌ ۽ ان جي معدنيات جنهن ۾ سنڌ جي چئني ڪنڊن کان ملندڙ هر قسم جو پٿر هٿ ڪري رکيو ويو آهي. ان کانسواءِ هتان جي پکين ۽ جهنگلي جيوت کي به پنهنجي ماحول ۾ ڏيکاريو ويو آهي. گيلريءَ ۾ ڊائنوسار کان وٺي سنڌ جا قديمي ۽ موجوده دؤر جا سمورا جانور ڏيکاريل آهن. اهڙيءَ ريت انساني ارتقا واري سفر ۾، غارن ۾ رهڻ کان وٺي پوکيءَ ڪرڻ، هڪ هنڌ تي گهر ٺاهي ويهڻ، کوهه کوٽڻ ۽ پاڻيءَ جي سرشتي ۽ انساني ارتقائي عمل به سمجهايل آهي.
(2) قديم ماڳن واري گيلري: هن گيلريءَ ۾ موهن جي دڙي، آمري، ڪوٽڏيجيءَ ۽ ڪاهوءَ جي دڙي وارا قديم آثار پڻ انتهائي خوبصورت انداز ۾ جوڙيا ويا آهن. جنهن سان ڪنهن به سياح کي سنڌ جا ڄاڻايل قديم ماڳ سمجهڻ ۾ سولائي ٿيندي. ڇاڪاڻ جو اڪثر ماڳ هن وقت مـيـسارجـي چڪا آهن. جهڙيءَ طـرح رائيـٽ بئـنـڪ آئـوٽ فــال ڊريـن (آر. بي. او. ڊي) جوڙڻ جي نتيجي ۾، 15 هزار سال ق. م واري قديمي ماڳ آمريءَ جا دڙا ختم ٿي چڪا آهن، پر سنڌ ميوزيم ۾ انهيءَ ماڳ جي اصل شڪل وارو ماڊل ۽ ان ماڳ مان ملندڙ سامان اتي رکيو ويو آهي. ساڳيءَ طرح ٻڌ دؤر جي اهم ماڳ ڪاهوءَ جي دڙي جي هنڌ تان مٽي کوٽي ماڳ وارو دڙو ئي پٽي ختم ڪيو ويو آهي. انهيءَ ماڳ جي عڪاسي به اصلي انداز ۾ ميوزيم ۾ محفوظ ڪري رکي وئي آهي. اهڙيءَ ريت ڪوٽڏجيءَ وارو ماڳ پڻ خوبصورت انداز ۾ محفوظ ڪيل آهي. اهي محفوظ ڪيل نشانيون ڪنهن به محقق کي ڄاڻايل ماڳن بابت تحقيق ۾ مددگار ٿي سگهن ٿيون.
(3) هنرمندن واري گيلري: سنڌ ميوزيم ۾ سنڌ جي اصلوڪي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ هنرمندن جي زندگيءَ جي عڪاسي به خوبصورتيءَ سان ڏيکاريل آهي، جتي انهن جا گهر، دڪان، اوطاق ۽ هنرمندي جا سمورا انداز خوبصورتيءَ سان جوڙيا ويا آهن، جن ۾ واڍا، ڪنڀار، لوهار، اجرڪ ٺاهيندڙ ۽ ٻيا هنرمند ڏيکاريل آهن. ان کانسواءِ مختلف نسلن جو ڏيک ڏيندڙ مجسمن جو لباس ۽ زيور انتهائي خوبصورتيءَ سان پيش ڪيل آهي، جن ۾ سماٽ عورت جو لباس ۽ زيور، بلوچ عورت جي لباس ۽ زيورن جا قسم، ٿر جي عورت، ريٻاري عورت جي ٽڪن واري ڀريل چُني وغيره شامل آهي. گيلريءَ ۾ ڏيکاريل سنڌي ڳوٺاڻو گهر، رڌڻو ۽ ان ۾ رکيل سامان پڻ ثقافتي اڀياس جي شاگردن لاءِ مددگار آهي.
(4) ڪارنر گيلري: ڪارنر گئلريءَ ۾ مختلف عالمن، اديبن، سياستدانن جي تصويرن ۽ سندن ذاتي استعمال جي شين کي محفوظ ڪري رکيو ويو آهي. ان کان سواءِ اوپن ميوزم وارو حصو، جتي سنڌي ڳوٺ جو ماڊل جوڙيو ويو آهي. انهيءَ ڳوٺاڻيءَ سنڌ ۾ کوهه تي جڙيل نار ۽ هرلو پڻ اصلي ماحول واري انداز ۾ ڏيکاريل آهن، جيڪي ميوزيم گهمڻ لاءِ ايندڙن لاءِ وڏي دلچسپيءَ جو سبب آهن. اهڙيءَ طرح سنڌي ڳوٺ ۾ هڪ لانڍيءَ واري انداز ۾ اوطاق جوڙيل آهي ۽ ٿري ثقافت وارو چونري نما گهر پڻ انهيءَ ڳوٺ ۾ جوڙيل آهي. انهيءَ ڳوٺ ۾ جنڊي، ڪاشي، چڪ تي ڪم ڪندڙ ڪنڀار، گربيءَ کاڌي وارا آڏاڻا ڏيکاريل آهن، جن ۾ اهي هنرمند ڪم ڪندي نظر ايندا آهن. سنڌ ميوزيم کي گهمڻ سان سڄي سنڌ گهمڻ جو احساس ٿئي ٿو. ميوزيم جي هر گيلريءَ ۾ ثقافت ۽ تاريخ جي چٽي عڪاسي نظر اچي ٿي.


لفظ سنڌ ميوزيمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو